رانڪ ميان فضل علي

رانڪ ميان فضل علي: ضلعي نوابشاهه ۾ مدفن ميان فضل علي ڪلهوڙو، ميان محمد خان جو فرزند ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو ڀائٽيو هو. ميان محمد خان جھوڪ جي ميدان تي شاهه عنايت سان جنگ ۾ حصو ورتو هو. ميان فضل علي ٻين خدمتن کانسواءِ سنڌ جي فوج ۾ اهم عهدي تي فائز رهيو. هن رانڪ جو ذڪر نامور ليکڪ ڊاڪٽر لائق زرداريءَ پنهنجي ڪتاب ’تاريخ ضلع نوابشاهه‘ ۾ به ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو